Header Ads

Header ADS

Sindhi Shayari تون ڳل چمین ٿو سھٹن جا

تون ڳل چمین ٿو سھٹن جا | The Best Sindhi Shayari on Sindhi Madhosh
Sindhi Madhosh

تون ڳل چمین ٿو سھٹن جا.

مان پیر چمان ٿوڪوجھن جا.

تون معشوق آن میخانن جو,

مان عاشق ھان انسانن جو.

تو ڪوڪ ٻڌي آ ڪوئل جي,

مون رڙ ٻڌي آ ڏکویل جي.


وقت جي وهڪري سان وَهان ، ڪيئن مان؟
ڪوڙ جي ڪڙم سان ڀي رَهان ، ڪيئن مان؟

هي زهر جو وَٽو سو بہ هڪ سُرڪ ۾
ٿو پيِئڻ لئہ چوين تون پيان، ڪيئن مان؟

واپسي جا نشان ڀي مٽايا هوا
موسمن تي يقين جي ڪيان، ڪيئن مان؟

موت تون ئي ٻڌاء زندگي کان اڳي
جي ملين تون تہ توسان ملان، ڪيئن مان؟

دردُ دل جي دوا جي ”صغير“ آ تہ پوء
آس تو ۾ نئين ڪا رکان ، ڪيئن مان؟

علم سان پيار منھنجو آقلم ھٿيار منھنجو آ
ڪري حاصل علم سمجھيو آ
ته ڄڻ سنسار منھنجو آ

No comments

Powered by Blogger.