Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry p1

Shaikh Ayaz شيخ اياز  Sindhi Shayari on Sindhi Madhosh
شيخ اياز‬

چئه تون مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا
واڪا ڪندي ووءِ صديون تولئه سنڌڙي
شيخ اياز‬

جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾.
ڪالهہ کان ڳالهہ سا آهہ انسان ۾..

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾!

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾..

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو هن بيابان ۾..

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون ناهين ايمان ۾..

- شيخ اياز
ڪجه شاه ڏني ڪجه شيخ ڏني
هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو !
شيخ اياز‬

No comments

Powered by Blogger.