Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry p2
شيخ اياز |
Shaikh Ayazشیخ ایاز (Sindhi Shayari)
غزل
شيخ اياز) وڄون وسڻ آيون)
جي پنهنجو نُور نچوئي ويا ، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا
سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا ، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!
سي وڻ ´وڻ` لوڏي واء ُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پڙلاءُ ٿيا،
جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا، جي تن من واري ڳائي ويا
اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ،
جي سارا ڪوٽ اڏائي ويا، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا
ڪلھ رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا!
ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا! هو مڙس هُيا يا شينهن هُيا!
اي کيت کِڙو، او شال ٽِڙو! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا
ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪيجھر تن جا ڪاڻيارا،
ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا!
ڏسُ! باک ڀليري آئي آ، ڏِسُ ! سنڌُ مٿان سَرهائي آ!
ڇو تن جي لاءِ اياز رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا
يا رب!
منهنجي ڏات ڏينڀوءَ وانگر نه بڻاءِ! ان کي پوپٽ جا پر ڏي ۽ رنگ ۽ خوشبو جو شيدائي ڪر!
يا رب!
مون کي دارا ۽ سڪندر جي قد و قامت نه گهرجي! مون کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر!
مون کي شمس تبريز ۽ روميءَ واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري شان پيدا ڪر!
مان پاڻ سان حقارت به نه ڪيان ۽ پاڻ کي حقير به نه سمجهان!
يا رب!
هر ڪنهن کي عزت به تون ٿو ڏئين ۽ ذلت به تون ٿو ڏئين! مون ۾ اها صلاحيت پيدا ڪر ته عزت ڏسي نه اُڀامان ۽ ذلت ڏسي دلشڪستو نه ٿيان.
يا رب!
تنهنجي ساٿ کان سواءِ، دنيا جو هر ساٿ عارضي آهي. مون کي ايتري سگهه ڏي ته جڏهن مان تنهنجي پٺيان اچان ته منهنجا پير نه ٿڪجن!
يا رب!
منهنجي تقدير تنهنجي غيب جو حصو آهي. مان ڪير جو ان جي قبل از وقت پيش گوئي ڪري سگهان!
منهنجي واڳ تنهنجي وس آهي. مان ڪير جو پاڻ وهيڻو ٿيان!
يا رب!
منهنجي زندگي ۽ موت به تون آهين، حال ۽ مستقبل به تون آهين، مون تان پنهنجو هٿ نه هٽاءِ! اهو پوئين گهڙي تائين وڻ تي سانوڻ جي ڪڪر وانگر رهي ۽ ان جي رم جهم ۾ رتيءَ ڀر ڪمي نه اچي!
(شيخ اياز)
شیخ ایاز
1. شاعر فرشتہ نہیں ہے لیکن فرشتہ بھی تو شاعر نہیں۔
2. اگر عورت اور شراب میں سے مجھے کسی ایک کو چننا پڑے تو میں شراب کو چنوں گا اور اگر شراب اور کتاب میں سے کسی ایک کو چننا ہو تو میں کتاب چنوں گا۔
3. اگر چکور چاند تک پہنچ گیا تو چاند چاند نہیں رہےگا اور چکور چکور نہیں رہے گا۔
4. پانی میں چاند کا عکس دیکھ کر مچھلی نے سوچا کہ میں چکور سے زیادہ خوش نصیب ہوں۔
5. کون زیادہ حسین ہے؟ شہکار یا اس کا فنکار؟
6. جس کی روح میں راگ نہیں اس کے راگ میں روح نہیں۔
7. فنکار کی شکست فن کی فتح ہے۔
8. شاعر نے فلسفی سے کہا، اگر تم فلسفی نہ ہوتے تو خدا کو مانتے۔ فلسفی نے شاعر کو کہا، اگر تم شاعر نہ ہوتے تو خدا کو نہیں مانتے۔
9. میں ماضی کے ماضی اور مستقبل کے مستقبل کا شاعر ہوں۔
10. شاعر کا مذہب فقط شاعری ہے۔
11. اے کاش! میں گمنامی میں جیوں اور گمنامی میں مروں۔ بدنامی اور اس سے بھی زیادہ نیک نامی شاعر کی تخلیقی انفرادیت کے لئے مہلک ہے۔
12. ہر شاعر محبت شاعر انقلاب ہے۔ ہر شاعر انقلاب شاعر محبت نہیں ہے۔
13. اگر میں تمہیں کہوں کہ میں نے خدا کو دیکھا ہے اور نہیں بھی دیکھا تو تم مجھے پاگل سمجھو گے۔ لیکن میں بھی تمہیں عقلمند نہیں سمجھوں گا۔
14. گلاب ے پھول پر اگر زیادہ بھنورے آجائیں گے تو گلاب کی خوشبو کم نہیں ہوگی۔
15. غالب کا گناہ اس کی شراب نوشی نہیں بلکہ قصیدہ نویسی تھا۔
16. چکور کی نظر سے دیکھو تو تمہیں چاند میں داغ نہیں نظر آئیں گے.
(شيخ اياز)
(ترجمہ: مسرور پیرزادو)
مون توکي در ٻاهران سال کان وڌيڪ ترسايو آهي،
۽ ان وچ ۾ جيتري ڪويتا پوري ٿي سگهي آهي مون لکي ورتي آهي،
ائين آهي ته زندگي جو ڪارج ڪيترو ئي پيو آهي،
۽ مان سمنڊ تي اڃا ڪيئي سج اُڀرندا ۽ ڪيئي پُڏندا ڏسڻ چاهيان ٿو.
ڪيڏي ته اِڇا آهي مون ۾ ته مان سمنڊ کي اڃا چنڊ ڏانهن اُڏامندو ڏسان ۽ منهوڙي جي پهاڙين سان ٽڪرائي موٽندو ڏسان ۽ اونهي تي کاري کيڙائو سِڙهه تان پر مارَ ماريندو ۽ ڪيِنا پکي اُڏائيندو ڏسان!
جيتوڻيڪ مان غالب کان گهٽ ارمان کڻي ٿو وڃان،
تڏهن به مان وڃڻ نٿو چاهيان،
هي زندگي تيستائين مٺي آهي.
شيخ اياز) سَرَ لوهيڙا ڳڀيا)
No comments