The Holy Prophet
![]() |
The Holy Prophet Muhammad (PBUH) |
ذڪر مصطفى ﷺ ۽ قرآن مجيد
الله رب العالمين پنهنجي محبوب رحمة للعالمين ﷺ کي مخاطب ٿي ارشاد فرمائن ٿا :
اي منهنجا محبوب”وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ “ سورت الم نشرح آيت 4
ترجمه: ۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون
يعني جتي به رب ڌڻي جو ذڪر ٿيندو اتي رحمة للعالمين ﷺ جو به ذڪر ٿيندو.










يعني پيغمبر ﷺ جو ذڪر ايترو ته بلند ڪيو ويو جو تحت الثرى (پاتال) کان وٺي عرش معلى تائين جتي خالق جهان جو ذڪر اتي محمد عربي ﷺجو ذڪر آهي ، حضور ڪريم ﷺجو ايترو شان بلند آهي جو جيڪر اسان قرآن پاڪ کي غور سان پڙهون ته هر جاءِ تي نبي ڪريم ﷺ جو ذڪر ملندو .

مُّحَمَّدٌۭ رَّسُولُ ٱللَّهِ ۚ سورت الفتح آيت 29
ترجمو: مُحمّد الله جو موڪليل آھي

وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلَّا كَافَّةً لِّلنَّاسِ. سورت سبا آيت 28
ترجمو: (اي پيغمبر) توکي ته مڙني ماڻھن لاءِ موڪليوسون

إِنَّآ أَرْسَلْنَكَ شَهِدًۭا وَمُبَشِّرًۭا وَنَذِيرًۭا. وَدَاعِيًا إِلَى ٱللَّهِ بِإِذْنِهِۦ وَسِرَاجًۭا مُّنِيرًۭا سورت احزاب آيت 45.46
ترجمو: بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو. ۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو (ڪري موڪليوسون).

يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ سورت احزاب آيت 45
ترجمو: اي پيغمبر (ﷺ)

يَا أَيُّهَا الرَّسُولُ سورت مائده آيت 41
ترجمو: اي پيغمبر (ﷺ)

وَخَاتَمَ النَّبِيِّينَ ۗ. سورت احزاب آيت 40
ترجمو: سڀني پيغمبرن کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آھي

وَٱلضُّحَىٰ. سورت ضحى آيت 1
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي
.

وَٱلَّيْلِ إِذَا سَجَىٰ. سورت ضحى آيت 2
ترجمو: ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي

مَا زَاغَ ٱلْبَصَرُ. سورت النجم آيت 17
ترجمو: (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي

فَأَوْحَىٰٓ إِلَىٰ عَبْدِهِۦ مَآ أَوْحَىٰ. سورت النجم آيت 10
ترجمو: پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين
.

لَا تُحَرِّكْ بِهِۦ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِۦٓ. سورت القيامه آيت 16
ترجمو: (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين
.

وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلْهَوَىٰٓ. سورت النجم آيت 3
ترجمو: ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي
.

لَا تَرْفَعُوٓا۟أَصْوَتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ ٱلنَّبِىِّ. سورت حجرات آيت 2
ترجمو: پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪريو

وَمَا رَمَيْتَ إِذْ رَمَيْتَ. سورت انفال آيت 17
ترجمو: (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي ته (اُھا) تو نه اُڇلي

أَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ. سورت الم نشرح
ترجمو(اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟

ٱلَّذِىٓ أَنقَضَ ظَهْرَكَ. سورت الم نشرح آيت 3
ترجمو: جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو

نَزَلَ بِهِ ٱلرُّوحُ ٱلْأَمِينُ . عَلَىٰ قَلْبِكَ. سورت الشعراء آيت 193.194
ترجمو: اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو. تنھنجي دل تي

فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضَاهَا. سورت البقره آيت 144
ترجمو: پوءِ جنھن قبلي کي پسند ڪرين ٿو (اوڏانھن) توکي ضرور ڦيرائينداسين،

لَآ أُقْسِمُ بِهَذَا ٱلْبَلَدِ. سورت البلد آيت 1
ترجمو: ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو

يَٓأَيُّهَا ٱلْمُزَّمِّلُ. سورت المزمل آيت 1
ترجمو: اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.

يَا نِسَاءَ النَّبِيِّ لَسْتُنَّ كَأَحَدٍ مِّنَ النِّسَاءِ ۚ. سورت احزاب آيت 32
ترجمو: اي پيغمبر جون زالون اوھين ڪن ٻـين زالن جھڙيون نه آھيو

يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ قُل لِّأَزْوَاجِكَ وَبَنَاتِكَ. سورت احزاب آيت 59
ترجمو: اي پيغمبر پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن .....

يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ إِنَّا أَحْلَلْنَا لَكَ أَزْوَاجَكَ. سورت احزاب آيت 50
ترجمو: اي پيغمبر بيشڪ اسان تولاءِ اُھي زالون حلال ڪيون

إِنَّآ أَعْطَيْنَكَ ٱلْكَوْثَرَ. سورت الڪوثر آيت 1
ترجمو: (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو.

إِذْ أَخْرَجَهُ الَّذِينَ كَفَرُوا. سورت توبه آيت 40
ترجمو: جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس ڪڍي ڇڏيو

سُبْحَنَ ٱلَّذِىٓ أَسْرَىٰ بِعَبْدِهِۦ لَيْلًۭا مِّنَ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ إِلَى ٱلْمَسْجِدِ ٱلْأَقْصَا ٱلَّذِى بَرَكْنَا حَوْلَهُۥ لِنُرِيَهُۥ مِنْ ءَايَتِنَآ ۚإِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْبَصِيرُ. سورت بني اسرائيل آيت 1
ترجمو: اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلَّا رَحْمَةً لِّلْعَالَمِينَ. سورت الانبياء آيت 107
ترجمو: ۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون.

وَإِنَّكَ لَعَلَىٰ خُلُقٍ عَظِيمٍ. سورت القلم آيت 4
ترجمو: ۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.

قُلْ إِنَّ صَلَاتِى وَنُسُكِى. سورت الانعام آيت 162
ترجمو: (اي پيغمبر کين ھيء به) چؤ ته مُنھنجي نماز ۽ منھنجون مڙئي عبادتون

النَّبِيُّ أَوْلَىٰ بِالْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ ۖ. سورت الاحزاب آيت 6
ترجمو: پيغمبر مؤمنن تي سندن جندن کان وڌيڪ حق رکندو آھي

يَٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟أَطِيعُوا۟ٱللَّهَ وَأَطِيعُوا۟ٱلرَّسُولَ. سورت النساء آيت 59
ترجمو: اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو

لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ سورت احزاب 21
ترجمو: بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھي

وَمَن يُشَاقِقِ الرَّسُولَ مِن بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُ الْهُدَىٰ وَيَتَّبِعْ غَيْرَ سَبِيلِ الْمُؤْمِنِينَ نُوَلِّهِ مَا تَوَلَّىٰ وَنُصْلِهِ جَهَنَّمَ ۖ وَسَاءَتْ مَصِيرًا سورت النساء آيت 115
ترجمو: ۽ جيڪو رستي جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن جي واٽ کانسواءِ ٻي واٽ وٺندو سو جيڏانھن متوجه ٿيو آھي تيڏانھن کيس ڦيرينداسون ۽ کيس دوزخ ۾ گھيرينداسون، ۽ (اھا) جاءِ بڇڙي آھي.

لا يمڪن الثناء ڪما ڪان حقه
بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر
(((Copy paste)))
No comments