Header Ads

Header ADS

Prayer دعا

About Prayer  دعا in Sindhi language on Sindhi Madhosh Prayer  دعا (Sindhi Madhosh)

Prayer  دعا


الله تعالي کي هي ڳاله نهايت پسند آهي ته ٻانها مون کان گهرن. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوء کان وري وري سوال ڪبو ته ڪيڏو نه ڀلي سخي مڙس هجي پر تڏهن به ٿڪجي پوندو ۽ ڪاوڙبو پر الله تعالي جو معاملو هي آهي ته کائنس جيترو وڌيڪ گهربو ايترو وڌيڪ خوش ٿيندو پر اڃان حديث پاڪ ۾ هي به آيل آهي: جيڪو ماڻهو الله تعالي کان نٿو گهري ته الله تعالي ان کان ناراض ٿيندو آهي
هي ڳاله ناهي ته دعا فقط پنهنجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي پر دعا گهرڻ هڪ مستقل عبادت آهي يعني مطلب هي آهي ته جيتوڻيڪ دعا پنهنجي ذاتي ۽ دنيوي ضرورتن لاء گهري وڃي پر پوء به اها عبادت ۾ ليکبي ۽ مٿس ثواب ملندو جيتري وڌيڪ دعا گهربي ويندي ايترو الله تعالي سان تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هي ضروري ناهي ته فقط تنگي ۽ مشڪل گهڙيء ۾ دعا گهري پر خوشحالي ۽ سرندي مهل به دعائن جو اهتمام ڪرڻ گهرجي.
حديث پاڪ ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو هي چاهي ته مصيبت ۽ تنگي مهل سندس دعا قبول ٿئي ته کيس گهرجي خوشحالي ۾ به دعائن جو وڌيڪ اهتمام ڪري (جامع  الاصول
الله تعالي قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهر ته " مون کان دعا گهرو آء قبول ڪندس" الله تعالي جو ڪيل واعدو غلط نٿو ٿي سگهي ان ڪري يقين سان دعا گهرجي جو منهنجي دعا ضرور قبول پوندي هائو البته قبول پوڻ جون صورتون مختلف آهن ڪڏهن ته اها شي ملندي آهي جيڪا گهري آهي ۽ ڪڏهن وري اها گهريل شي الله تعالي جي علم ۾ ٻانهي لاء مناسب يا فائديمند نه هوندي آهي تنهن ڪري الله تعالي ان کان وڌيڪ بهتر، دنيا يا آخرت ۾ عطا فرمائيندو آهي.
دعا جي ڳاله مان ياد آيو اسان کي به پنهنجي دعائن ۾ ياد رکندا ڪيو ضرور
(Copy pasted)

No comments

Powered by Blogger.