Jamshoro ڄامشورو
(نظم) Jamshoro ڄامشورو
|
(نظم) Jamshoro ڄامشورو
هوائون ساڙين پيون اندر کي،
ٿو جيءُ جهوري هي ڄامشورو،
اداس تو بن آ سنڌ ورسٽي،
ويران سارو آ ڄامشورو..
اکين ۾ ڇانيل تنهنجي ڪمي آ،
هر عڪس اوکو، انيڪ الجھن،
منجهايل مکڙي جيان ادارا،
اسلامڪ ڪلچر ۽ پبلڪ ائڊمنسٽريشن،
دوزخ جا شعلا ڏئي رهيا هن.
بهشت ۾ ڪوثر جي ڪناري،
اڏامي ڪوئل وئي آ ڄڻ ڪا،
فيڪلٽي، سي-ايل فريب سڀ ڪجھ،
بي نور منظر آ هر طرف بس،
مگر جيا اچي پوي هوءَ،
پوءِ مير دلڪش، حسين منظر،
خدا جي تخليق منجھ انوکو،
آڪاش ۾ ڪو ڪنول جو پودو،
گلن ۾ خوشبو، ڳلين ۾ رونق،
ڪا رنگ گوري سنواري سڀ ڪجھ،
حسن، جواني ۽ زندگيءَ سان،
سنڌوءَ جي ڪپ تي حسين وادي،
هي سنڌ ورسٽي ۽ ڄامشورو.
هي سنڌ ورسٽي ۽ ڄامشورو.
No comments