Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry (Sindhi Shayari) p6

Shaikh Ayaz شيخ اياز  Sindhi Shayari on Sindhi Madhosh
Shaikh Ayaz شيخ اياز

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو ايندو نه وري هي وڻجارو
ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو سڀ شور اجايو آ پيارا

ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا
شيخ اياز


ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
خبر نه آهه گهڻا ڏينهن زندگي آهي

سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن مان
سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان َفضائن مان

سڀاڻي مهڪ نه ايندي ايئن هوائن مان
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽري آهي

وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه متان
ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
شيخ اياز

اڙي اڙي! ترس ترس، ڪنهن کي مٽائين ٿو، بي خبر، نظر ڪر،
"اياز" آ شاعر محبت، اڙي زمانا! اڙي زمانا!!
شيخ اياز

چوڏينھنءَ جي چانڊوڪي آھي، پرين بہ آھي پاس،
تو کي ڇا ٿيو آ منھنجا من، تو ڇو آنھہ اُداس!
شيخ اياز

قدم قدم ھجوم رندان، نظر نظر شراب خانا،
ڪري ويو ڪير بارشي مي، خمار آلودہ ٿيا زمانا.
شيخ اياز

No comments

Powered by Blogger.