Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry (Sindhi Shayari) p7
Shaikh Ayaz شيخ اياز |
ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس سُتو دل وارا جاگيا!
پنھنجي پنھنجي چنڊ جون ھر ڪنھن،
ڳالھيون ڳاتيون،
جھاتيون پاتيون;
ٿڪجي نيٺ ٿيا ننڊ ھاڻا،
آئي ننڊ تہ روح اُڏاڻا!
پھچي پار پرينءَ کي ھر ڪنھن،
پل ۾ پاتو،
ڇاتيءَ لاتو!
ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس سُتو دل وارا جاگيا!
شيخ اياز
اسان تي الزام آندا جڳَ جيئڻ جا،
جن جي روز جواب ۾، جَرڪيا منھنجا جام،
اَلا، ڪڏھن عام، رسندا منھنجي روح کي!
شيخ اياز
سکِي ھوا ۾ ھُڳاءُ آھي، گَلي گَلي گيتُ ٿي وئي آ!
پِيا بنا نِنڊَ ڪيئن ايندي، بسَنتَ جي رات بي چَئي آ.
شيخ اياز
جو ساز سدائين پيو وڄندو،
۽ گيت ازل جا ڳائيندو،
جي آئون نه، اُن کي ٻيو راڳي،
جاڳي اڌ رات وڄائيندو.
شيخ اياز
No comments