Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry (Sindhi Shayari) p8

مون وٽ جيڪو امرت رس آ
تنهن تي وهه جو ڪهڙو وس ا
(شيخ اياز)


خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي
محبت زندگيءَ جي انتها آهي

محبت ئي اسان جي منزلِ آخر
محبت ئي اسان جي رهنما آهي

اجهودار ورسن جو ڪو پيام آيو
ملي اڄ زلفِ جانان سان صبا آهي

زمين جي تشنه لب جنت پڪاري ٿي
ڪٿي هو باد و باران جو خدا آهي

پوي ٿي ماڪ، چانڊوڪي ٿڌيري آ
اياز اڄ رات ڪِٿ هو بيوفا آهي
شيخ اياز 
ڀونرڀري آڪاس

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن بھ ريت
منھنجي من کي چين ناھي

ھاءِ، ڪھڙي رات آھي
چنڊ منھنجو ناھي ميت
منھنجي من کي چين ناھي

ھيءُ گلابي رت ڇڏي
مون کان رسي ويا ڪيئن گيت
منھنجي من کي چين ناھي

ھار ڪائي ھار ناھي
جيت ڪائي ناھي جيت
منھنجي من کي چين ناھي

تون ڪٿي آھين پرين، آھي
ڪٿي اڄ تنھنجي پريت
منھنجي من کي چين ناھي

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن بھ ريت
منھنجي من کي چين ناھي
(شيخ اياز)


ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
خبر نه آهه گهڻا ڏينهن زندگي آهي
سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن مان
سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان َفضائن مان
سڀاڻي مهڪ نه ايندي ايئن هوائن مان
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽري آهي
وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه متان
ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
(شيخ اياز)

No comments

Powered by Blogger.