Sindhi Shayari ھي ديس منھنجو اباڻو آ
Sindhi Madhosh |
ھي ديس آ انڌن ماڻھن جو
تون ٻٻرن کان ٿو ٻير گھرين
تنھنجي عزت، عزت آ
منھنجي عزت داڻو آ
تون سنڌي ناھين واڻيو آ
تون سنڌي ناھين واڻيو آ
مان ڀي ڏسان ڪا مومنياڻي
منگل سوتر پائي گھمي
پنھنجي ور سان گڏجي ھوء
مندر ۾ گھنڊ وڄائي ۽ چائٺ چمي
پر قانون ھتي انڌو نہ، ڪاڻو آ
تون سنڌي ناھين واڻيو آ
تون سنڌي ناھين واڻيو آ
تون ڀاء نہ ڀائين ڀل مونکي
آء تنھنجو خون سڏايان ٿو
اچ ڀيٽي ڏس خون ٻنھي جو
فرق مونکي ٻڌائي وڃ
ھي بوء ڀلاري بوء منھنجي
ھي ديس منھنجو اباڻو آ
تون سنڌي ناھين واڻيو آ
تون سنڌي ناھين واڻيو آ
سٽون : گرداس ڏوڏاڻي
No comments