Sindhi Shayari محبت
Sindhi Madhosh |
محبت . . .
محبت جو ڪو مذھب ناھي
محبت ڪرڻ ڪو غضب ناھيمحبت تہ آھ نگاھن جو ناتو
محبت جي پڙ ۾ جنھن پير پاتو
محبت چاھت جو چت ڀي آھ
محبت راحت جي راھ ڀي آھ
محبت روڪڙ ڏوڪڙ ڇا ڄاڻي
محبت پٿر کي پگھليو ڄاڻي
محبت ۾ ڪئين پيسجي ٿيا پامال
محبت مند جيان مٽجڻ نہ ڄاڻي
محبت ڏيئی سان پتنگ بہ ڪن ٿا
ساڙيو وجود بہ ھت پسن ٿا
محبت سمندر ۾ مڇلي جي ڏس
پاڻي ۾ پسي ٿي پاڻي لاء سڪي ٿي
محبت جي اڪير ۾ ڪئين مجنا
تڪالف جي تڪابر ڏسن ٿا
محبت جھرمر جي جھومڪ جيان
محبت پايل جي رونق تيان
محبت تاڙي جي تنوار بڻي آھ
محبت ٻاٻيھي جي پڪار بڻي آھ
محبت پلر جي بوند لئہ پسي ٿي
نگاھن سان سا اڀ ڪسي ٿي
محبت عڪس جي آئيني منجھان
ديدن ۾ ارکي ھوت پسي ٿي
محبت تہ آھي خيال صوفيانہ
محبت ۾ ڪئين پاگل مستانہ
محبت مثل ڃڻ امرت ڌارا
محبت جا جنھن پڙھيا شفارا
محبت ازل کان اڃان بہ اڳتي
محبت جي منزل اڃان بہ اڳتي
محبت جي آھ يارو ڊگھي ڪھاڻي
محبت جي ڪڏھن ٿي نہ پڄاڻي ـ
پدم سنگھ ڀٽي
No comments