Header Ads

Header ADS

Quran and Terrorism قران مجيد ۽ دهشتگردي

Quran and Terrorism قران مجيد ۽ دهشتگردي on Sindhi Madhosh
 قران مجيد ۽ دهشتگردي

Quran and Terrorism - قران مجيد ۽ دهشتگردي


قرآن مجيد جڏهن نازل ٿيو، هن دور جو سب کان وڌيڪ تڪليف وارو پهلو لاقانونيت، بدامني، قتل وغارت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو،عرب جزيره ۾ ڪابه باضابطه حڪومت ڪون هئي، جيڪي ننڍيون ننڍيون حڪومتون هيون سي به نسلي برتري تي يقين رکندي هئي، جتي پيدائشي عظمت ۽
تحقير جو تصور قائم هجي ظاهري ڳاله آهي هت عدل ۽ انصاف جو قائم ٿيڻ ناممڪن آهي، اهڙي ماحول ۾ الله تعالي آخري ڪتاب قرآن مجيد جي نزول جو آغاز ڪيو، هن ڪتاب ۾ جا سڀ کان پهرين آيت نازل ٿي تنهن ۾ علم ۽ قلم جي اهميت ڄاڻايو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته سڀ انسان جو ماده تخليق هڪڙوئي آهي.
"اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّـذِىْ خَلَقَ
خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ
اِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْـرَم
اَلَّذِىْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ
عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَم". {{سورت العلق 1_5}}
ترجمو : " (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.
ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.
پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.
جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.
ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو".
هن ۾ انسان جي وحدت ڏانهن اشارو هئو، علم انسان کي پابند بڻائي ٿو ۽ انساني مساوات سان عدل جو جذبو اڀرندو آهي، تنهن ڪري جتي هڪ اهڙو ملڪ جيڪو امن امان کان خالي هئو، جتي ظلم ۽ دهشتگردي کي قانون جو درجو حاصل هئو ، اسلام امن ۽ سلامتي سان همڪنار ڪيو، انساني ڀائچاري جو سبق پڙهايو ۽ رسول ﷺ جي پيشن گوئي پوري ٿي ته هڪ خاتون اڪيلي ڊاچي تي چڙهي صنعاء يمن کان شام تائين سفر ڪندي.
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪن ماڻهن طرفان اها جسارت ڪئي وئي ته قرآن ۾ نقص آهي،تنهن ڪري قرآن مجيد پڙهڻ سان دهشتگردي جو رجحان وڌي ٿو.
هي هڪ اهڙو بهتان تراشي هئي جنهن تي ڪو شخص جنهن سرسري طور تي قرآن مجيد جو مطالعو ڪيو هوندو هر گز متفق نه ٿي سگهندو.
عربي لغت ۾ دهشتگردي کي "ارهاب" سان تعبير ڪيو ويندو آهي، قرآن مسلمانن کي يقينن هن ڳاله جو تعليم ڏئي ٿو ته هنن وٽ اهڙي طاقت موجود هجڻ گهرجي جنهن سان سندن دشمن کي ظلم ڪرڻ جي همت پيدا نه ٿئي.
"وَأَعِدُّوا لَهُم مَّا اسْتَطَعْتُم مِّن قُوَّةٍ وَمِن رِّبَاطِ الْخَيْلِ تُرْهِبُونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُمْ وَآخَرِينَ مِن دُونِهِمْ لَا تَعْلَمُونَهُمُ اللَّهُ يَعْلَمُهُمْ ۚ وَمَا تُنفِقُوا مِن شَيْءٍ فِي سَبِيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيْكُمْ وَأَنتُمْ لَا تُظْلَمُونَ {{سورت انفال 60}}
ترجمو :" ۽ انھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ انھي کانسواءِ ٻي قوم کي (به) کين نه ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شيء مان الله جي واٽ ۾ خرچيو سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي گھٽ نه ڏبو".
قرآن جي حڪمن منجه جهاد جي حڪم ۾ به غلط فهمي پيدا ڪئي ويندي آهي ته بي قصور ۽ ڪنهن غير مسلم تي حملو ڪرڻ ۽ کيس مارڻ جو اجازت ڏئي ٿو ۽ هن جي جائز هجڻ تي اها آيت پيش ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ عام ڪافرن جي قتل جو حڪم آيل آهي، اها محض هڪ غلط فهمي آهي، هن آيت جو تعلق مشرڪين مڪه سان آهي. اهي مسلسل مسلمانن مٿان جنگ ڪيون ويٺا هئا ۽ مسلمانن طرفان صلح جون ڪوشش قبول ڪرڻ لاء هر گز تيار نه هئا ۽ جن ماڻهن کي گهر کان بي گهر ڪيو ويو يا شهر بدر ڪيو ويو، هنن لاء قرآن ۾ حسن سلوڪ ۽ عدل ۽ احسان جو حڪم ڏنو آهي.
"لَّا يَنْهَاكُمُ اللّـٰهُ عَنِ الَّـذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِى الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَـرُّوْهُـمْ وَتُقْسِطُوٓا اِلَيْـهِـمْ ۚ اِنَّ اللّـٰهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ". {{سورت الممتحنه 8}}
ترجمو :" لله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي" .
دهشتگردي ۾ بنيادي طور هن ڳاله ڏانهن توجه نٿي ڏني وڃي ته اصل ظالم ڪير آهي؟ بلڪه هن جا متعلقين منجهان جيڪي هٿ اچي ٿو هنن ٿي تشدد ڪيو وڃي ٿو، اسلام قطعي طور ان جي اجازت نٿو ڏئي ۽ غير انساني حرڪت قرار ٿو ڏئي.
قرآن هن لاء هڪ قاعدو مقرر ڪيو آهي ته هڪ شخص جي ڏوه جو ٻوجه ٻئي تي نه وڌو ويندو
وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۚ {{سورت فاطر 18}}
ترجمو : "۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو" .
قرآن ۾ هڪ ٻئي جاء تي اچي ٿو هڪ شخص جو قتل پوري انسانيت جو قتل برابر آهي.
"مَنْ قَتَلَ نَفْسًا بِغَيْـرِ نَفْسٍ اَوْ فَسَادٍ فِى الْاَرْضِ فَكَاَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَـمِيْعًاۖ". {{سورت المائده 32}}
ترجمو:" جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪُھندو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي ڪُٺو" .
قرآن مجيد دهشتگردي جي سببن کي روڪي ٿو. گهڻو ڪري دهشتگردي جو سبب ٻين کي زوري پنهنجي عقيدي جو تابع ڪرڻ آهي، عيسائين جي مذهبي تاريخ ان جو واضح مثال آهي.
قرآن مجيد ۾ صاف اعلان ڪيل آهي ته :لَآ اِكْـرَاهَ فِى الدِّيْنِ ۖ قَدْ تَّبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ ۚ {{سورت البقره 256}}
ترجمو:"دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي".
هن ئي ڪري ڪنهن گروه يا ٻين مذهبن جي پيشوائن کي برو ڀلو چوڻ کان منع ڪيو ويو.
"وَلَا تَسُبُّوا الَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدْوًا بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ {{سورت انعام 108}}
ترجمو:"(اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين".
ڪنهن معاشري ۾ دهشتگردي ڦهيلجڻ جو اصل سبب ظلم ۽ ناانصافي به آهي، جيڪو گروه مظلوم هوندو آهي، اهو ظالم جو مقابلو جڏهن نه ڪري سگهندو آهي تڏهن هن جي اندر انتقامي جذبه اڀرندا آهن، تنهن ڪري قرآن مجيد حڪم فرمائي ٿو :
" اِنَّ اللّـٰهَ يَاْمُرُ بِالْعَدْلِ وَالْاِحْسَانِ". {{سورت النحل 90}}
ترجمو:يشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) جو حُڪم ڪري ٿو.
قرآن ۾ تاڪيد آيل آهي ته ڪنهن قوم سان عداوت به اوهان سان ظلم ۽ ناانصافي تي لهي ۽ عدل کان هٽائي نه وجهي.
هن وقت صورت حال اها آهي جو عالم اسلام ۽ مسلمانن خلاف نهايت شدت سان دهشتگرد هجڻ جو پروپگينڊا ڪيو وڃي پيو. خود اسلامي ملڪ عالمي دهشتگردي جي نشاني تي آهي.جنهن ملڪ ۾ مسلمان اقليت ۾ آهن انهن جي حالت زار بيان ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي
. مسلمان خود پنهنجي مرضي سان اسلامي نظام نافذ ڪرڻ چاهن ٿا ته تهذيبي تصادم ۽ شدت پسندي جو نالو ڏنو ٿو وڃي ۽ اها ڳاله ڪن ٿا جيڪي انبياء سڳورن عليهم السلام سان ڪيو ويندو هئو.
قرآن مجيد ۾ اچي ٿو:
" قَالَ الْمَلَاُ الَّـذِيْنَ اسْتَكْـبَـرُوْا مِنْ قَوْمِهٖ لَنُخْرِجَنَّكَ يَا شُعَيْبُ وَالَّـذِيْنَ اٰمَنُـوْا مَعَكَ مِنْ قَرْيَتِنَـآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِىْ مِلَّتِنَا ۚ قَالَ اَوَلَوْ كُنَّا كَارِهِيْنَ" {{سورت اعراف 88}}
ترجمو:"سندس قوم مان ھٺيلن سردارن چيو ته اي شعيب توکي ۽ جن توکي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌيندا سون يا ته اوھين اسان جي پر ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو ته جيتوڻيڪ اسان اوھانجي دين کي بُڇان ڀائيندڙ آھيون (ته به موٽنداسون ڇا؟).
اڄ هندستان ۾ اهو نعرو هنيو ٿو وڃي. ڪاڏي ويندو مسلمان؟ پاڪستان يا قبرستان؟
ساڳيو نهج مختلف دنيا جي علائقن ۾ اسلام دشمن طاغوتي طاقتون هن وقت تائين مطمئن نٿيون ٿين جيسيتائين مسلمان پنهنجو ايمان، عقيدو،تهذيب کان دستبردار نٿا ٿين ۽ ظاهر ڳاله آهي ته صاحب ايمان اهو ڪڏهن به قبول نه ڪندو، قرآن مجيد هنن يهود ۽ نصارن جي نفسيات ۽ اسلام خلاف عداوت جو سٺو نقشو واضح ڪيو آهي.
"وَلَنْ تَـرْضٰى عَنْكَ الْـيَهُوْدُ وَلَا النَّصَارٰى حَتّـٰى تَتَّبِــعَ مِلَّـتَـهُـمْ ۗ". {{سورت البقره 120}}
ترجمو:" (اي پيغمبر) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين".
ايمان جي علامت اها آهي ته دين جي سربلندي لاء جيتريون مشڪلاتون اچن ،عداوتن جا طوفان اٿن، خوف ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪيو وڃي، سندن حوصله ٽٽڻ نه گهرجن. هن مهل سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف دهشتگردي جو پروپيگينڊا ڪئي وڃي پئي ايسيتائين جو قرآن مجيد جهڙي مقدس ڪتاب تي تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي پيو، دهشتگردي جو سبب ڄاڻايو ٿو وڃي، هنن جو مقصد آهي ته مسلمان حوصلو هاري وڃن، تنهن ڪري اهڙن حالتن ۾ مسلمانن جو حوصلو رکن ۽ صبر استقامت جي راه اختيار ڪرڻ ضروري آهي.
(((درويش سنڌي)))

No comments

Powered by Blogger.