Header Ads

Header ADS

Non Judgment نان ججمينٽ

:نان ججمينٽ Non Judgment

روحانيت ۾ هڪ اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي جنهن کي "نان ججمينٽ" چيو ويندو آهي. هن ۾ اها پريڪٽس ڪئي ويندي آهي ته اڳيون جيڪو ڪجه ٿي رهيو آهي درست ٿئي پيو. سامهون وارو شخص جيڪو ڪجه چئي پيو (يا بڪواس ڪري پيو) اهو بلڪل درست آهي. سندس صحيح يا غلط هجڻ تي گهڻو ويچار نه ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ سان اوهين پنهنجي صلاحيتن ذهني دباء ۽ خوامخاه پنهنجي ذهني توانائي ضائع ڪرڻ کان بچي ويندو.
(هت آئون اها وضاحت ڪندو هلان ته اهو نان ججمنٽ فارمولو روحاني سالڪن لاء آهي، عام ماڻهو هن تي اک ٻوٽي عمل نه ڪن.)

اسين شعوري يا لاشعوري طور تي پنهنجيون توانايون گهڻن ڳالهين جي اهميت ۽ وضاحت ڳولهڻ ۾ خرچ ڪندا آهيون بلڪه پنهنجي آسي پاسي موجود هر شيء ۽ ماحول کي پنهنجي ذهني طاقت جي مدد سان پنهنجي پنهنجي گهربل آئيڊيل صورت ۾ ڌالڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.
نان ججمينٽ جي مدد سان اوهان پنهنجي فضول قسم جي بحث مباحثن کان بچي سگهو ٿا.
روحانيت ۾ مصروف رهڻ جي پريڪٽس گهڻو فائديمند رهي ٿي. اها اوهان جي انرجي (توانائي) کي بچائيندي ۽ وڌائيندي به آهي.
اسين گهڻو ڪري پنهنجي اها توانائي پنهنجي سياسي يا مذهبي عقيدن جي گهڻي ۾ گهڻو الٽي سڌي ترجيحون پيش ڪري پاڻ کي سمجهائڻ ۾ خرچ ڪندا رهندا آهيون پر هن جو مظاهرو گهڻو ڪري ٻين تي پنهنجو عقيدو يا نظريو سمجهائڻ نه بلڪه ٿپڻ تي خرچ ڪندا آهيون. بحث مباحثي ۾ اهو مظاهرو گهڻو ڪري پاڻ کي شرمندگي کان بچائڻ لاء ئي هوندو آهي.
ٿورو سوچيو ته هن جهنجهٽ ۾ نه پوندا ۽ جيڪر بحث ڪرڻو ئي آهي ته ايترو علم ۽ نالج حاصل ڪندا جئين اڳين کي سٺي نموني ڳائيڊ ڪري سگهو ۽ اهو به صحيح نيت سان ڪريو.
نان ججمنٽ وارو شخص هڪ بهتر ٻڌڻ وارو بڻجي ويندو آهي. ۽ سٺو ٻڌڻ وارو سٺو ڳالهائڻ جي بنسبت زياده دوست بڻائي ويندو آهي.
(((درويش سنڌي)))

No comments

Powered by Blogger.