Header Ads

Header ADS

Islam and peace اسلام ۽ صلح

About Islam and peace in Sindhi Language on Sindhi Madhosh
اسلام ۽ صلح
Islam and peace اسلام ۽ صلح

اسلام لفظ "سلم" کان نڪتل آهي جنهن معني "صلح" آهي. ۽ قرآن مجيد ۾ هر هر صلح ۽ امن اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ٿيل آهي ۽ صلح کان پوء مضبوطي سان قائم رهڻ جو پڻ حڪم آيل آهي.
"وَاِنْ جَنَحُوْا لِلسَّلْمِ فَاجْنَحْ لَـهَا وَتَوَكَّلْ عَلَى اللّـٰهِ ۚ اِنَّهٝ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْـمُ. وَاِنْ يُّرِيْدُوٓا اَنْ يَّخْدَعُوْكَ فَاِنَّ حَسْبَكَ اللّـٰهُ ۚ هُوَ الَّـذِىٓ اَيَّدَكَ بِنَصْرِهٖ وَبِالْمُؤْمِنِيْنَ".
(سورت الانفال_62_61)
ترجمو:" ۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن ته (تون به) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. ۽ جيڪڏھن توکي دولاب ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا ته بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آھي، (۽) اُھوئي آھي جنھن توکي ۽ مؤمنن کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏني" .
هن ۾ الله تعالي مسلمانن کي حڪم فرمائن ٿا ته جيڪر ماڻهو صلح جا خواهشمند هجن ته مسلمانن تي واجب آهي ته اهي صلح لاء هٿ وڌائن.
جيڪي غير مسلم قومون مسلمانن سان معاهدو هجي ۽ هت مسلمانن سان ڪابه زيادتي ٿيندي هجي ته اخلاقي ۽ سياسي طور هن جو سدباب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ قرآن مجيد ۾ اچي ٿو ته مسلمان حڪمران انهن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو حق نٿو رکي.
"وَاِنِ اسْتَنْصَرُوْكُمْ فِى الـدِّيْنِ فَعَلَيْكُمُ النَّصْرُ اِلَّا عَلٰى قَوْمٍ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَـهُـمْ مِّيْثَاقٌ ۗ وَاللّـٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْـرٌ (سورت الانفال72)
ترجمو:۽ جيڪڏھن دين (جي ڪم) ۾ اوھان کان مدد گھُرن ته اوھان کي انھيءَ قوم کانسواءِ ٻي قوم تي مدد ڏيڻ لازم آھي جن جو اوھانجي ۽ ھنن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي".
اسلام نه صرف مسلمانن کي صلح جو حڪم ڏئي ٿو بلڪه "خير امت" جي حيثيت سان مسلمانن کي هن طرف توجه ڏياري ٿو ته ماڻهن جي وچ ۾ ضرورت آڌار مصلحت لاء ڪردار ادا ڪن.
الله تعالي فرمائي ٿو" :لَّا خَيْـرَ فِىْ كَثِيْـرٍ مِّنْ نَّجْوَاهُـمْ اِلَّا مَنْ اَمَرَ بِصَدَقَـةٍ اَوْ مَعْـرُوفٍ اَوْ اِصْلَاحٍ بَيْنَ النَّاسِ ۚ وَمَنْ يَّفْعَلْ ذٰلِكَ ابْتِغَـآءَ مَرْضَاتِ اللّـٰهِ فَسَوْفَ نُـؤْتِيْـهِ اَجْرًا عَظِيْمًا". (سورت النساء 114)
ترجمو: "سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نه آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو ڪم الله جي رضامندي ڳولڻ لاءِ ڪندو پوءِ سگھوئي اُن کي وڏو اجر ڏينداسون".
الله تعالي اهو پڻ قرآن مجيد ۾ منع فرمايو آهي ته ماڻهن جي وچ ۾ صلح نه ڪرائڻ جو قسم به نه کائجي.
"وَلَا تَجْعَلُوا اللّـٰهَ عُرْضَةً لِّاَيْمَانِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْا وَتَتَّقُوْا وَتُصْلِحُوْا بَيْنَ النَّاسِ ۗ وَاللّـٰهُ سَـمِيْعٌ عَلِيْـمٌ (سورت البقره 224)
ترجمو: "۽ اوھين پنھنجن قسمن لاءِ چڱائي ڪرڻ ۽ پرھيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ کان (پاسو ڪرڻ واسطي) الله جو اِسم پيش نه ڪريو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي" .
صلح بهرحال خير جو ڪم آهي پوء کڻي فرد لاء هجي يا قوم جي وچ ۾ ڪرائجي.
وَالصُّلْحُ خَيْـرٌ ۗ (سورت النساء 128)
ترجمو:" ۽ صُلح ڀلو آھي".
اسلام زمين تي قتل ۽ خون کي ناپسند ڪري ٿو.
وَلَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَرْضِ بَعْدَ اِصْلَاحِهَا وَادْعُوْهُ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۚ اِنَّ رَحْـمَتَ اللّـٰهِ قَرِيْبٌ مِّنَ الْمُحْسِنِيْنَ (سورت اعراف 56)
ترجمو:" ۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي" .
بلڪه جيڪر ڪنهن ملڪ سان يا قوم سان تعلقات سٺا نه هجن تڏهن به بهتر رويو رکڻ گهرجي.
عَسَى اللّـٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّـذِيْنَ عَادَيْتُـمْ مِّنْـهُـمْ مَّوَدَّةً ۚ وَاللّـٰهُ قَدِيْرٌ ۚ وَاللّـٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِـيْـمٌ (سورت الممتحنه7)
ترجمو:"ويجھو آھي ته الله اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري جن سان انھن منجھان دشمني رکي اٿوَ، ۽ الله سگھارو آھي، ۽ الله بخشڻھار آھي" .
نه ڪي قرآن مجيد بلڪه حديث مبارڪ ۾ به صلح بابت روايتون ملن ٿيون.
حضرت ابو ايوب انصاري رض کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو : اي ايوب! ڇا آئون توکي هڪ اهڙو صدقو نه ٻڌايان جنهن کي الله ۽ الله جو رسول ﷺ پسند فرمائن ٿا؟ ۽ اهو هي آهي ته جڏهن ماڻهڻ ۾ باهم بغض ۽ فساد پيدا ٿي وڃي ته توهان هن جي وچ ۾ صلح ڪرايو(مجمع الزوائد)
رسول ﷺ جي زندگي مبارڪ ۾ سدائين قومن جي وچ ۾ امن و امان ۽ صلح لاء واضح مثالون موجود آهن
جڏهن پاڻ ﷺ مديني ويا ته مديني ۾ رهندڙ سڀني مذهبي، نسلي ماڻهن جي وچ ۾ امن، مذهبي آزادي ۽ هڪ ٻي جو احترام ۽ مديني جي حفاظت جو گڏيل تحريري معاهدو ڪرايو.
صلح حديبيه جو واقعو جنهن ۾ مشرڪين مڪه سان ڏه سال لاء جنگ بندي جو معاهدو ڪيو ويو ۽ جيسيتائين مشرڪين مڪه عهد شڪني نه ڪئي پاڻ ﷺ هن تي قائم رهيا.
هن ڪري حقيقت اها آهي ته اسلام امن صلح سلامتي ۽ انساني اخوت ۽ ڀلائي جو مذهب آهي، جيڪو نه صرف صلح کي پسند ڪري ٿو بلڪه اهو چاهي ٿو ته مسلمان صلح لاء پيش قدمي ڪن، ضرورت پوڻ تي پنهنجي جذبات ۽ مفادات جي قرباني ڏئي ڪري به نه خود پاڻ ۾ صلح ڪن بلڪه ٻين قومن جي وچ ۾ صلح لاء به ڪردار اها ڪن .
(((درويش سنڌي)))

No comments

Powered by Blogger.