Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry (Sindhi Shayari) p13

Shaikh Ayaz شيخ اياز  Sindhi Shayari on Sindhi Madhosh
Shaikh Ayaz شيخ اياز

موت کان پوءِ آهه تن باقي نه من،
روح مان آزاد ٿيندو هي بدن،
۽ بدن سان خاڪ آ، جنهن جو وطن،
ڪو به ناهي
ڪو به ناهي
شيخ اياز

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ
جئن زمينَ آسمانَ
جي کلي پَئي زبانَ
ڪنڊَ ڪنڊَ، چونڪُ چونڪُ
شهر شهرُ، ڳوٺُ ڳوٺُ
جئن ڏئِي اٿي جواب ابقلاب
شيخ اياز


ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ،
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون،

جام و مينا رَهي، رَهي نه رَهي،
منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون!

زندگي تلخ آ، هُجي ته هجي،
روح ۾ سَوَ ملاحتون رهنديون!

سرحدِ غم قريب آ اي دوست!
ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون.

تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيستائين دوست!
ابنِ آدم جون جنتون رهنديون!

شاھه ڪان پوءِ اي اياز ٻڌاءِ!
سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون!
شيخ اياز

سهندو ڪير ميار او يار
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!
شيخ اياز

جئن سانوِڻيون ڀرجي وسن.
ٿر بر وسائي ٿو وڃان.
ڇا ڇا وڄون ٿيون ور وجهن،
پر جي ڪُلهي تي ڪينرو
ڪيسين وڄايان
الوداع!
اي سنڌ توکي الوداع
اي هند توکي الوداع
تو ۾ هُيو سارو جڳت
اي چنڊ توکي الوداع
شيخ اياز
الوداعي گيت

جو لکڻو آهه لکي وٺَ اڄ،
ڪنهن ڄاتو آهه سڀاڻي کي؟
جو پل پل آهه مهانگو آ،
تون سستو سمجهه نه هاڻي کي.

جي ڪو به صدين سان سودو آ،
هن وقت ته ڪرڻو آ تو کي،
ٻيو ڏينهن ته ناهي ڪنهن به ڏٺو،
ٻي ڏينهن ته مرڻو آ تو کي.
شيخ اياز
الوداعي گيت

2 comments:

  1. Hey I like your post and this is really interesting and useful for me. This is an informative post. Nice pieces of information you are providing. And most people like this posts. .

    50+ Romantic Happy New Year Messages Quotes for Lovers ZGPoetry

    Marry Christmas Wishes To Your Beloved | Greetings | Quotes

    ReplyDelete

Powered by Blogger.