Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry (Sindhi Shayari) p12

Shaikh Ayaz شيخ اياز  Sindhi Shayari on Sindhi Madhosh
Shaikh Ayaz شيخ اياز
ايندي آ ياد صورتِ جانان ڪڏهن ڪڏهن
ٿيندي آ منهنجي دل به گلستان ڪڏهن ڪڏهن
(شيخ اياز)

ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو، ٻه چار لڙڪ هارجو
جڏهن به ساوڻيون اچن، ڇمر الوٽ تي نچن
ائين نه پوءِ وسارجو، ته ڪير سنڃ ۾ سُتو ۽ ڪير رنڃ ۾ مئو.
شيخ اياز


زندگيءَ جي ڄارِ ۾ ڪيئي خوشيون
اوچتو آيون، نچيون، تڙڦي مُيون،
ڪيتريون پياريون هُيون!

اُن ڪري ئي آهه پياري ڪائنات
ڇو ته رهڻي ناهه هت ڪنهن جي ذات
آهه هر شيءِ بي ثبات

هي سبب ناهي ته گهارين رنج ۾
ڳول هيرا هر ڳهڙيءَ جي گنج ۾
آءُ منهنجي هنج ۾
شيخ اياز

موت!
تون هاڻي
اچين به ته ڇا
نه اچين به ته ڇا
مان تنهنجي
هَٿ وس کان
ٻاهر نڪري چُڪو آهيان
۽ منهنجي شاعريءَ کي
جا امرتا ملي چڪي آهي،
تون اُن جي
ويجهو به نه ٿو وڃي سگهين.
شيخ اياز
سَرَ لوهيڙا ڳڀيا

اسان تي الزام، آندا جڳ جئيڻ جا،
جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منهنجا جام،
آلا، ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي.
شيخ اياز

تو جا سمجهي سٽ، سا آهي ڪاتيءَ ڪوٽ
ڳائي ڳائي گوٺ، ڪهندو ويو ڪينرو.
ڪُلهي پاتم ڪينرو
شيخ اياز

سانوَڻَ! ڪيئن اَڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻِ!
ساجن کي به ته آڻِ!
موتئي جي مهڪارَ هوا ۾، سارَ ڀَري سُرهاڻ!
ساجن کي به ته آڻِ!
برکا رُت جي باکَ ڦُثيءَ ۾!، لَڳَهه لَڳَهه لالاڻ
ساجن کي به ته آڻِ!
بادل ٿي سَوَا سانگَ رچايان، آءُ به ڪنهن جي ڪاڻِ
ساجن کي به ته آڻِ!
شيخ اياز

1 comment:

  1. Top 20 Casinos in Palm Springs, CA for 2021 - Mapyro
    Top 익산 출장마사지 20 전라북도 출장마사지 Casinos in Palm Springs, CA · Jackpot 정읍 출장마사지 King Casino · Wild Horse Casino · Lucky 15 Casino · 안양 출장마사지 Caesars Palace Casino · 오산 출장샵 Tropicana Casino · Caesars

    ReplyDelete

Powered by Blogger.