Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry (Sindhi Shayari) p11

تو کي زماني سازي نه ايندي آهي
مان هن کان جواب ۾ پڇان ٿو
جي مون کي زماني سازي اچي ها ته
مان شاعر ڇو هجان ها،
سنڌ جو گورنر هجان ها.
شيخ اياز

يا رب!
تنهنجو نانءُ
جئن ڪو ٿڌو ٿانءُ جو پيتي پياس ٻجهي وڃي!
تنهنجو نانءُ جئن ڪو هير جو جهوٽو
جو لڳي ته اکيون ننڊاکڙيون ٿي وڃن!

Oh God!
Your Name is like a pot of cold beverage
Just take a sip from it, and thirst is quenched!
Your name is like a swiftly blowing breeze,
Which soothes eyes to slumber!
شيخ اياز


خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي
محبت زندگيءَ جي انتها آهي

محبت ئي اسان جي منزلِ آخر
محبت ئي اسان جي رهنما آهي

اجهودار ورسن جو ڪو پيام آيو
ملي اڄ زلفِ جانان سان صبا آهي

زمين جي تشنه لب جنت پڪاري ٿي
ڪٿي هو باد و باران جو خدا آهي

پوي ٿي ماڪ، چانڊوڪي ٿڌيري آ
اياز اڄ رات ڪِٿ هو بيوفا آهي
شيخ اياز
ڀونرڀري آڪاس


تون جو مُون کان پوءِ اچين
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين منهنجا گيتَ ٻڌين
مون کي ياد ڪرين
سنڌڙي سارو ڳاڙو کُهنبو ٿي ويندي تيسين
۽ جي اُن تي منهنجي ڦلڙيون ڏاتِ ڏسين
شال اِهو سمجهين
ڏات وڏي شيءِ ناهي
پر سَچُ وڏي شيءِ آهي
 ۽ جو سَچ مچائي مَچ
سو مَچ وڏي شيءِ آهي
شيخ اياز

No comments

Powered by Blogger.