Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayaz شيخ اياز Poetry (Sindhi Shayari) p10

عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن آيو جهولَ ڀِري
ڪوئي ڪيئن ڪري
موتئي جَهڙَي مُرڪ پرينءَ جي، مُگرو ماتِ ڪري
ڪوئي ڪيئن ڪري
ڏاڙهونءَ ڦُوهَه ڦُلاريا مُنهن ۾، ٻَهه ٻَهه يار ٻري
ڪوئي ڪيئن ڪري
جنهن جي چڳَ چنبيليءَ ول جئن سُرهِي سيجَ ڀري
ڪوئي ڪيئن ڪري
جنهن جا نِهٺا نيڻ ائين، جئن رڻ ۾ راتِ ٺري
ڪوئي ڪيئن ڪري
پَلَ پَلَ تي ٿو پيارُ ڪَمل جئن ڪومل هَٿ ڌري
ڪوئي ڪيئن ڪري
تَنهن کان ڪيئن جُدا ٿي جيئُون، سرتيون ڪيئن سَري
ڪوئي ڪيئن ڪري
شاعري شيخ اياز


جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾.
ڪالهہ کان ڳالهہ سا آهہ انسان ۾..

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾!

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾..

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو هن بيابان ۾..

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون نانهہ ايمان ۾..
 شيخ اياز


مون ڏات انوکي آندي آ
ٿي تند وڙهي تلوارن سان

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن
ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن
تون هيڻو آن هٿيارن سان

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن
 شيخ اياز

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن!

هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ،

۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ-

هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
(شيخ اياز)

No comments

Powered by Blogger.