Header Ads

Header ADS

Shaikh Ayazشيخ اياز Poetry p5

شیخ ایاز Shaikh Ayaz Sindhi Poetry on Sindhi Madhosh
Shaikh Ayazشيخ اياز

Shaikh Ayazشيخ اياز (Sindhi Shayari)

وَڻ ٽِڻ سَڀُ هِڪَ هنڌِ،
چَنڊُ پيو هلندو هلي.
شيخ اياز


عشق به ڪجه نه آهي
حسن به ڪجه نه آهي
فقط تڙڦ سب ڪجه آهي
Love in itself is nothing
Beauty in itself is nothing
Only
Longing is to be counted
Book: Prayer Of Poetry
شيخ اياز

گيت
آءُ وهاڻي ويل،
گهڙيءَ جا ميل محبت ڪنهن جي ناهي رهندي
ڪنهن جي ناهي جُوءِ
مگر خُوشبو سدائين آڻي هِير الهندي
پورو ٿيندو پنڌ
سندءِ سوڳنڌ حياتي ويندي ڪهندي ڪهندي
او، منهنجا محبوب
سندم مطلوب اُٺي جي واءُ وڃي ٿي کهندي
ڄاڻان ٿو انجام
ڀري ڏي جام چانڊوڪيءَ جئن لهندي
شيخ اياز
ڀونر ڀري آڪاس

سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
لُڙڪ به سڀ کي مُرڪ به سڀ کي
سونهن پياري سُرڪ به سڀ کي
پيار به سڀ کي پُور به سڀ کي،
نينهن ڏنا ناسورَ به سڀ کي
هار به سڀ کي، جِيت به سڀ کي
مٺڙا مٺڙا مِيت به سڀ کي
سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو!
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
سڀڪو مومل، سڀڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
شيخ اياز

ڇا تون دانشور آهين؟
ها، تنهنجي دانش ۾ وَِِِرُ ضرور آهي.
شيخ اياز


هاءِ، پرين ياد آيا
رات انڌيري، واءُ ٿڌيري، اُڀ تي تارا ڇايا
هاءِ، پرين ياد آيا

جهومر وارا، پيارا پيارا، نيريءَ گَهرائيءَ ۾ تارا
مون جئن اک به نه لاتائون ٿي، پل پل جهاتيون پاتائون ٿي
آهي نينهن به ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳايا
هاءِ، پرين ياد آيا

ڏيئا ٽِواٽي تي مون ٻاريا، لنگهي ويا سَوَ اُن تان ڌاريا،
آس نه لاٿي، باس به باسي، گذري وَئي پر ٻي چوماسي
جئن جئن پوءِ، تئن پياس گهڻيري، آتا هاءِ اُڃايا
هاءِ، پرين ياد آيا

پوئين پهر فضا گهوماٽي، جهُلڪي تي ٿي سَرد ڏياٽي،
ڪاريون ڪاريون هو گهرايون، وَٽَ کائيندي جئن لهرايون
دور ڦٽي تئن باک ڀليري، گرجا گهنڊ وڄايا
هاءِ، پرين ياد آيا
شيخ اياز


سنڌڙي! تنهنجي سينڌ ڏسي،
رات ڀٽائي گهوٽ رُنو؛

منهنجي من جي مٽيءَ ۾،
ڏاڙهونءَ جهڙو ڏنڀ ڦٽو؛

هينئون گهايل هرڻيءَ جيئن،
سامهون سارو وارياسو.
شيخ اياز

No comments

Powered by Blogger.