Header Ads

Header ADS

Social Pressure سوشل پريشر

About سوشل پريشر Social Pressure in Sindhi on Sindhi Madhosh
سوشل پريشر

سوشل پريشر Social Pressure

عام طور اسان ڏسندا آهيون ماڻهو ناخوش نظر ايندا آهن جنهن جو سبب سوشل پريشر هوندو آهي.
سندن ماحول ۾ ماڻهن جو وڏو دباء هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين ڪري چئجي ته پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو پرواه ڪندا آهن. عجيب قسم جا طريقه اپنائيندا جنهن ۾ پريشر دنيا ۽ معاشري کي سٺو بڻائڻ بجاء غير ضروري شين ۾ استعمال ڪندا. جڏهن ته اسان کي گهرجي ته معاشري کي سٺو بڻايون.
پٺاڻ قوم ۾ اسين ڏسون ٿا هڪ ٻئي سان جهيڙي وقت (جائز يا ناجائز) مدد ڪرڻ هنئي سوشل پريشر جي ڪري ٿئي ٿو، هن ۾ ساٿ نه ڏيندڙ کي بي غيرت سمجهيو ويندو آهي.
اهو به ڏسڻ ۾ ايندو آهي اسين پنهنجي کان مٿائين ليول ماڻهن کان غير ضروري طور تي دٻيل ۽ پاڻ کان هيٺين ليول ماڻهن کي خوامخاه پيو دٻائيندا آهيون بلڪه سندن مٿان ظلم به ڪندا آهيون ۽ پاڻ مذهب توڙي انسانيت جا دعويدار ٿي به ائين ڪندا آهيون.
اهي ڳالهيون دين ۽ انسانيت ٻنهي پيغام جو بلڪل ابتڙ آهي.
هن جو حل ڇا آهي؟ ۽ هن تي ڪئين عمل ڪجي؟
هن جو جواب رسول پاڪ ﷺ جو پيغام ۾ ملي ٿو ته " اوهين ٻين سان اهوئي سلوڪ ڪيو جيڪي اوهان پاڻ لاء پسند ڪندا آهيو.
اها ڳاله ڪڏهن به نه وسارجو جيڪو ڪجه اوهان ٻين لاء ڪندو سڀاڻي ساڳيو ڪم اوهان سان به ٿيندو.
(((درويش سنڌي)))

No comments

Powered by Blogger.