Header Ads

Header ADS

Motivation موٽي ويشن

About  موٽي ويشن Motivation in Sindhi on Sindhi Madhsoh
Motivation موٽي ويشن

موٽي ويشن Motivation

موٽي ويشن اسان جي زندگي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. مذهبي نقطه نظر سان پنهنجن هم خيال ماڻهن سان رهڻ ضروري ڄاڻايو ويندو آهي جو هن سان آسي پاسي موجود هم خيال انسان هن حوالي سان موٽي ويٽ ڪندا رهندا آهن.
ڪن ۾ وري قدرتي طور اها صلاحيت لڌي وڃي ٿي جو اهي ٻين کي پنهنجي پويان لڳايو ڇڏن. هر سياسي جماعت، هر تحريڪ کي هلائڻ ۾ اهڙا ماڻهو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
اهڙا ماڻهو قدرتي طور ليڊر ٿيندا آهن، عام ماڻهن کان وڌيڪ ذهين ٿيندا آهن. اهي ڪامياب تبليغ ڪندڙ به ثابت ٿيندا آهن.
امريڪه ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ۾ هڪ اهڙو واقعو ملي ٿو جنهن کي جاويد چوڌري(مشهور صحافي) ذڪر ڪري ٿو.
امريڪه ۾ هڪ ٻوٽ ٺاهڻ واري فيڪٽري هئي ۽ سندس هڪ شو روم هئو. هن جا بوٽ ڪواليٽي بهتر ۽ قيمت به سستي هئي. پر مارڪيٽ ۾ گهرج نه هجڻ برابر هئي. فيڪٽري مالڪ فيڪٽري بند ڪرڻ جو پئي سوچيو.
پوء يڪدم ڊمانڊ وڌڻ لڳي ۽ شو روم ۾ سب بوٽ وڪامجي ويا. تنهن کان پوء فيڪٽري ۾ پيل بوٽ ختم ٿي ويا جو ڊمانڊ پورو ڪرڻ لاء اوور ٽائم فيڪٽري هلائڻي پئي. تنهن کان پوء به گهرج وڌيڪ هجڻ ڪري وڌيڪ ملازم ڀرتي ڪرڻا پيا.
شروع ۾ فيڪٽري جي مالڪ مزاق سمجهيو، ڇو ته ڪيترن سالن کان سندس ڪاروبار نقصان ۾ پئي هليو پر بعد ۾ تحقيق ڪيائين ته خبر پيس ته ڪجه ٻارن جو اهو سڄو ڪم هئو.
هنن ٻارن اتفاق سان اهي بوٽ ورتا هئا، ڪواليٽي بهتر هئي ريٽ به سستا هئا،اهي ٻار اسڪول وڃي ٻين ٻارن کي به ٻڌايو ۽ هوريان هوريان اسڪول جا ٻار اهي بوٽ وٺڻ شروع ڪيو، ۽ ائين شهري اسڪول به اهي بوٽ وٺڻ شروع ڪيا.
فيڪٽري جي مالڪ جڏهن اها تحقيق پوري ڪئي ته هن کي معلوم ٿيو ته ڪجه ٻارن جن سڀ کان اڳ بوٽ ورتا هئا ۽ ٻين کي اهي بوٽ وٺڻ جو چيو سي قدرتي طور تي موٽي ويٽر هئا.
(((درويش سنڌي)))

2 comments:

  1. what to consider is that this program gives you some assistance in addressing a wide range of PC or HDD issues. Never face glitches like screen freezing, equipment disappointment, crashes, and other comparative issues when a programmed support framework is with you. Recover My Files 6.3.2.2553 Full Version

    ReplyDelete

Powered by Blogger.