Header Ads

Header ADS

About Bill Gates وي آر دي نيشن آف بل گيٽس

we are the nation of bill gates on Sindhi Madhosh

وي آر دي نيشن آف بل گيٽس  Bill Gates

استاد ان کي گهوري ڏٺو ۽ سخت ڪاوڙ ۾ چيو ”بل تون منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته تون زندگي ۾ وڌ کان وڌ ٽرڪ ڊرائيور ئي بڻجي سگهندي“. سموري ڪلاس ۾ ٽهڪو مچي ويو ۽ هو ٿڪيل قدمن سان ٻاهر نڪري ويو. اهو هارورڊ يونيورسٽي ۾ ان جو آخري ڏينهن هو، هو ان يونيورسٽي ۾ رياضي جو شاگرد هو، ان کي ڪلاس روم جو ماحول، ڪلاس فيلوز جون ڳالهيون، استادن جي پڙهائڻ جو طريقو ۽ يونيورسٽي جون نيون پراڻيون روايتون بور لڳنديون هيون، هو ڪيترائي ڏينهن ڪيمپس مان غائب رهندو هو. هن جو گهڻو وقت سياٽل ندي جي ڪناري تي پال ايلن سان گڏ گذرندو هو، پال به ان وانگر ڊگهي منصوبابندي جو ماهر هو، هو ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن اهڙي دنيا جي باري ۾ سوچيندا رهندا هئا جيڪا اڃان ٺهڻ واري مرحلي ۾ داخل ئي نه ٿي هئي، هو ٻئي ڏينهن ۾ خواب ڏسندا هئا. انهن خوابن دوران هڪ ڏينهن هارورڊ يونيورسٽي ان جو نالو خارج ڪري ڇڏيو هو، هو اهو خط کڻي ايلن وٽ ويو ۽ ان کي خط ڏيکاري چيو ”اچ پال اسان ان دنيا جو بنياد رکون جيڪا اڄ تائين صرف اسان جي ذهن ۾ هئي.“ پال ايلن ان جي هٿ تي هٿ رکي ڇڏيو، هو 28 آڪٽوبر 1955ع تي واشنگٽن رياست جي شهر سياٽل ۾ پيدا ٿيو. ان جو والد وڪيل هو، سمورو گهراڻو پڙهيل لکيل ۽ معزز هو پر بل پڙهائي ۾ ٿورو پوئتي هو، ان ۾ هڪجهڙائي نه هئي، ان جي سوچ ٽري کنڊڙي ويندي هئي ۽ ان جا والدين ان جي ڪري پريشان رهندا هئا، ان جي والد جي خواهش هئي ته هو هارورڊ يونيورسٽي مان اعزاز سان ڊگهري کڻي پر يونيورسٽي ان جو نالو ئي خارج ڪري ڇڏيو. ان جي والد کي سخت صدمو رسيو پر بل مطمئن هو، هن جو خيال هو ته هارورڊ يونيورسٽي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن پنهنجي هن نالائق شاگرد تي فخر ڪندي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي گيٽ تي ان جي نالي جي تختي لڳي وئي پر اها گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي، اڃان اسان 1975ع ۾ آهيون 1975ع ۾ هن پنهنجي دوست پال ايلن سان گڏجي دنيا جي پهرين سافٽ ويئر ڪمپني ٺاهي، ان ڪمپني جو نالو مائيڪرو سافٽ رکيو ويو، ماڻهو ان جي آئيڊياز ۽ ڪمپني جي نالي ٻنهي تي کلندا هئا پر هن همت نه هارائي. هو ڪم ڪندو رهيو ايتري تائين جو 1979ع تائين ڪمپني پرزا ڪڍي ورتا ۽ هو ٺيڪ ٺاڪ امير ٿي ويو اڃان هو ان ڪاميابي کان پري جيڪي ننڍپڻ کان ان جي ذهن تي آواز ڏيندي هئي 1980ع ۾ اسٽيو بالمر ڪمپني جوائن ڪئي ۽ ان کانپوءِ ڏسندي ئي ڏسندي مائيڪرو سافٽ واشنگٽن رياست جي سڀ کان وڏي ڪمپني بڻجي وئي.
هن وٽ روزانو ايترا چيڪ ايندا هئا جو بينڪ ان جي آفيس ۾ پنهنجي شاخ کولي ورتي، ايندڙ ڏينهن ۾ دنيا جي 51 وڏين بينڪن مائيڪرو سافٽ ۾ پنهنجون شاخون کولڻ ۽ بينڪ اڪائونٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مائيڪرو سافٽ کي باقاعده ترغيبون ڏيڻ لڳيون، 1990ع تائين مائيڪرو سافٽ دنيا جي سڀ کان مشهور ڪمپني هئي ۽ هو دنيا جو ناليوارو شخص هو. هو ايتري قدر مشهور ٿيو جو بل ڪلنٽن 1998ع ۾ اعلان ڪيو ”وي آر دي نيشن آف بل گيٽس“ اهو هارورڊ يونيورسٽي جي ان نالائق شاگرد جو پهريون اعزاز هو. جي ها ان شخص جو نالو بل گيٽس آهي ۽ هو گذريل 12 ورهين کان دنيا جو امير ترين شخص آهي. هو انساني تاريخ جو واحد شخص آهي جيڪو 38 ورهين جي ڄمار ۾ دنيا جو امير ترين شخص بڻيو ۽ هن مسلسل 12 ورهين تائين اهو اعزاز برقرار رکيو، مائيڪرو سافٽ ۾ هن وقت 63 هزار 5 سئو 64 ماڻهو ملازم آهن. ان جو ڪاروبار 102 ملڪن تائين ڦهليل آهي جڏهن ته اها ڪمپني هينئر تائين دنيا جي هڪ لک 28 هزار ماڻهن کي ارب پتي بڻائي چڪي آهي، مائيڪرو سافٽ جا ملازم تقريبن 89 هزار 6 سئو ڊالر سالياني پگهار کڻن ٿا، مائيڪرو سافٽ جا پنج ڊائريڪٽر آهن ۽ بل گيٽس وٽ سڀ کان وڌيڪ شيئرز آهن. هو 97 ڪروڙ 74 لک 99 هزار 3 سئو 36 شيئرز جو مالڪ آهي. آمريڪي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مائيڪرو سافٽ جي شيئرز جي قيمت هن وقت 23 ڊالر آهي، گذريل 15 سالن ۾ ميڊيا بل گيٽس کي پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوريج ڏني، هو دنيا جي بااثر ترين شخصيتن ۾ شمار ٿيندو آهي، ماڻهو ان سان هٿ ملائڻ ان سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ اعزاز سمجهندا آهن جڏهن ته ان کي دنيا جي 35 ملڪن ۾ مملڪتي سربراهن جو پروٽوڪول حاصل آهي. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس کي قدرت ايتري دولت سان نوازيو جو دنيا جا ڪيترائي ملڪ پنهنجي مجموعي دولت سان به ان جي برابر نه ٿا اچي سگهن، خوبصروت ڳالهه اها آهي ته هن انتهائي دولتمند شخص پنهنجا اربين ڊالر دنيا جي غريب ترين ملڪن جي غريب ترين ماڻهن جي صحت ۽ تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيا آهن پر اهو ڪهڙو لمحو هو جنهن بل گيٽس کي پنهنجي غريبن لاءِ وقف ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو؟ صحافي چارلي روز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ گيٽس جي گهرواري ميلينڊا ٻڌايو ته ان جو گهروارو هڪ آفريڪي اسپتال ۾ ٽي بي جي مريضن جي عيادت لاءِ ويو هو هن اسپتال مان ئي پنهنجي گهرواري کي ڪال ڪئي پر جڏهن هن ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سخت جذبات مان ان جي ڳلي مان آواز نه پئي نڪتو، ميلينڊا چيو ته گيٽس مريضن جي بدحالي ۽ دردناڪ صورتحال ڏسي ايتري قدر ڏکايل هو جو لڳو پئي ته هو هينئر ئي روئي ڏيندو.
هن جو چوڻ هو ته هي ويچارا مريض ان حالت ۾ آهن جو ڄڻ انهن کي موت جي سزا ڏني وئي هجي، ان ڏينهن کانپوءِ بل گيٽس فيصلو ڪري ورتو ته هو دنيا ۾ مفت ٽيڪنالوجي ۽ ڪمپيوٽر فراهم ڪرڻ کان وڌيڪ توجهه غريب ماڻهن جي صحت ۽ تعليم تي ڏيندو ته جيئن هو ان عذاب ۾ جلد نڪري وڃن. آفريڪا کانپوءِ هن کي ان ڳالهه جو به اندازو ٿيو ته هو پوري دنيا کي ڪمپيوٽر جي استعمال تي لڳائڻ چاهي ٿو پر ڪيترن ئي علائقن ۾ ته ڪمپيوٽر هلائڻ لاءِ بجلي به ناهي، ان ڪري ضروري آهي ته غريب ماڻهن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو وقت ۽ دولت وقف ڪئي وڃي، اڄ ”بل اينڊ ميلينڊا گيٽس فائونڊيشن“ دنيا جي پوئتي پيل علائقن تي ساليانو اربين ڊالر خرچ ڪري غريب ترين ماڻهن کي دوائون، علاج ۽ تعليم جو تحفو ڏئي رهيا آهن.
بشکریہ: سندہ ورلڈ

No comments

Powered by Blogger.